آخوند اقبال احمد

آخوند اقبال احمد: اقبال احمد'>آخوند اقبال احمد 1933ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. 1949ع ۾ پرڏيھي وزارت جي اعليٰ عھدي تي مقرر ٿيو. ڪئناڊا، سعودي عرب، اسپين، نيوزي لئنڊ، مصر ۽ ملائيشيا ۾ سفارتخانا سنڀاليائين. ھالئنڊ ۾ بيگم لياقت علي خان سفير ھئي ته اقبال احمد'>آخوند اقبال احمد ان سان گڏ ھو. 1961ع ۾ جڏھن پرنس علي خان اقوام متحده ۾ مستقل نمائندو ھو، تڏھن اقبال آخوند به اقوام متحده ۾ ڪشمير جي مسئلي جي نمائندگي ڪري رھيو ھو. 1968ع ۾ متحده عرب جمھوريه ۾ ۽ 1976ع ۾ يوگوسلاويه ۾ پاڪستان جو سفير ۽ 1972ع ۾ اقوام متحده ۾ پاڪستان جو نمائندو مقرر ٿيو. اپريل 1976ع ۾ روڊيشيا ۾ اقوام متحده جي قائم ڪيل ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن چونڊيو ويو. سنه 1976ع ۾ ٻارھن وڏن بين الاقوامي سفارتڪارن ۾ آخوند صاحب جو نالو به شامل ھو. 1988ع ۾ ان وقت جي وزيرا عظم محترمه بينظير ڀٽي جي فرمائش تي پاڪستان ۾ موٽي آيو ۽ پاڪستان ۾ قومي سلامتيءَ جو مشير مقرر ٿيو. اقبال احمد'>آخوند اقبال احمد، ذوالفقار علي ڀُٽي سان ننڍپڻ کان ئي شناسا رهيو، ڇاڪاڻ جو سندس والد لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج ھو. آخوند صاحب پنھنجي پنجاھ سالن جي سياسي ۽ سفارتي يادگيرين بابت ھڪ ڪتاب “Memoirs of a Bystander-A life in Diplomacy”به لکيو. سال 1999ع ۾ گذاري ويو.


لفظ آخوند اقبال احمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو